آءِ ايم ايف پروگرام جي سخت پابندين ملڪ جي ترقياتي بجيٽ کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن ڪري مختص ڪيل فنڊن جو وڏو حصو استعمال نه ڪيو ويو آهي.
هڪ خانگي ٽي وي رپورٽ موجب رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ مختص هڪ هزار ارب رپين مان هن وقت تائين رڳو 528 ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته نامڪمل منصوبن جي لاڳت 10 ٽرلين تائين پهچي وئي آهي.
اجلاس کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ وسيلن جو تناسب مسلسل گهٽجي رهيو آهي. سيڙپڪاري جي ڊي پي جي 2.6 سيڪڙو کان صرف 0.6 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته 5 هزار ارب جا منصوبا پي سي ون مرحلن ۾ آهن جڏهن ته مجموعي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 10 هزار ارب رپيا گهربل آهن.
وفاقي وزير واضح ڪيو ته مالي سال 2018ع کان ترقياتي بجيٽ لاءِ وسيلن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو آهي پر صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ اضافو ٿيو آهي.
هن چيو ته وزارتن ايندڙ مالي سال لاءِ 3 هزار ارب رپيا گهريا هئا پر وفاقي ترقياتي پروگرام اڃا 2018ع جي سطح تي بيٺو آهي يعني هڪ هزار ارب رپيا.


