شانگلا؛ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 7 ٻارڙا ملبي هيٺان دٻجي ويا، 6 فوت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


شانگلا جي علائقي رحيم آباد جي کوزا الپوري ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ٻارڙا فوت ۽ هڪ ڇوڪري زخمي ٿي پئي.

ريسڪيو 1122 موجب حادثي وقت ڪمري جي ملبي هيٺان 7 ٻارڙا دٻجي ويا.

ريسڪيو اهلڪارن وڏيون ڪوششون ڪيون ته ملبي هيٺان دٻيل ٻارڙن کي ٻاهر ڪڍيو ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ريسڪيو آپريشن جاري رکيو.

اختيارين موجب فوري ڪارروائي ڪندي سمورن ٻارڙن کي ملبي مان ڪڍيو ويو پر افسوسناڪ واقعي ۾ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ٻارڙي کي معجزاڻي طور زنده ڪڍيو ويو.

اسپتال ذريعن موجب ٻارڙي کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ريسڪيو 1122 شانگلا انجنيئر ملڪ شير دل خان جي نگراني ۾ مڪمل ڪيو ويو. ٽيمن سمورن موجود وسيلن کي استعمال ڪندي آپريشن ڪيو ۽ ملبي هيٺان دٻيل سمورن ٻارن کي ٻاهر ڪڍيو.

هوڏانهن پوليس واقعي بابت ٻڌايو ته ڇت ڪرڻ جو واقعو 2 لڳي 15 منٽن تي پيش آيو.

پوليس موجب متاثر گهر جي مالڪ جي سڃاڻپ فضل داد طور ٿي آهي، جڏهن ته فوت ٿيل ٻارن ۾ ناظره بيبي عمر 14/15 سال، سميرا بيبي عمر 13/14 سال، رضوان عمر 4/5 سال، ناياب عمر 7/8 سال، حيا نور عمر 4/5 سال ۽ عميرا عمر 12/13 سال شامل آهن.

ڇت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل 11 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment