پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل ميرب علي تازو ئي پنهنجي صحت بابت اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته آڱر جي تڪليف سبب کيس سرجري ڪرائڻي پئي، جنهن کانپوءِ هوءَ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. ميرب علي سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن کي پنهنجي صحت بابت آگاهي ڏني. اداڪارا موجب سندس هڪ آڱر ۾ حرڪت به محدود هئي ۽ ان کي بار بار لاڪ ڪيو ويندو هو، جنهن سبب روزاني سرگرمين کي انجام ڏيڻ مشڪل ٿي ويندو هو. هن چيو ته شروع ۾ ريميٽولوجسٽ ۽ نيورولوجسٽ کيس صحتمند قرار ڏنو پر بعد ۾ آرٿوپيڊڪ سرجن مڪمل معائني کانپوءِ سرجري جو مشورو ڏنو. ميرب علي موجب، هن کي اميد هئي ته اهو هڪ معمولي ۽ مختصر آپريشن هوندو، پر سرجري سندس توقع کان وڌيڪ پيچيده ۽ وقت وٺندڙ ثابت ٿي. ڪراچي جي آغا خان يونيورسٽي اسپتال ۾ آپريشن ڪيو ويو، جتي هن علاج دوران پنهنجي هڪ وڊيو به مداحن سان شيئر ڪئي. انسٽاگرام تي هي پوسٽ ڏسو اداڪارا جو چوڻ هو ته هو هاڻي سرجري کانپوءِ آهستي آهستي صحتياب ٿي رهي آهي، جڏهن ته سندس دوستن، ساٿي فنڪارن ۽ مداحن طرفان نيڪ تمنائن ۽ دعائن جو سلسلو جاري آهي، مايا خان، درخشان سليم، ثنا فهد ۽ رابعه ڪلثوم سميت شوبز جي ڪيترن ئي فنڪارن ميراب علي جي جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪيون. سوشل ميڊيا صارفين اداڪارا کي آرام ڪرڻ ۽ موبائيل فون جي وڌيڪ استعمال کان پاسو ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو ته جيئن آڱر تي وڌيڪ دٻاءُ نه پوي. ڪجهه مداحن جو چوڻ آهي ته هن قسم جي طبي شڪايت ڪڏهن ڪڏهن راندين يا هٿن جي مسلسل استعمال جي ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي. اداڪارا جي صحت بابت انڪشاف سامهون اچڻ کانپوءِ مداح سندس جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن.
Source link

ميرب علي سرجري کانپوءِ اسپتال منتقل، مداحن کان صحتيابي لاءِ دعائن جي اپيل
Leave a Comment Leave a Comment

