انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي اڳوڻي چيئرمين للت مودي اداڪارا سشميتا سين تي لڳل ”گولڊ ڊگر“ الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ للت مودي چيو ته 2022 ۾ جڏهن سشميتا سين سان سندس لاڳاپا سامهون آيا ته اداڪارا کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو پر انهن الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي.
هن جي مطابق، سشميتا هڪ آزاد ۽ مالي طور تي مضبوط عورت آهي، جيڪا اڪثر پنهنجي خرچ جي ادائيگي تي زور ڏيندي هئي.
للت مودي سشميتا سين جي شخصيت جي واکاڻ ڪندي چيو ته هوءَ هڪ خود ساخته، پراعتماد ۽ مضبوط عورت آهي جنهن پنهنجي محنت ذريعي زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته سشميتا کي دولت يا مالي فائدي سان ڳنڍڻ بلڪل غلط آهي.
اڳوڻي آءِ پي ايل چيئرمين اداڪارا کي ”حقيقي هيرو“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ان تي منفي تاثر وجهڻ ناانصافي آهي.
هن چيو ته سشميتا سين هميشه باوقار ۽ آزاد رهي آهي ۽ ان جي ڪردار تي سوال ڪرڻ مناسب ناهي.


