پاڪستان ۽ چين جي دوستي اسٽريٽجڪ تعاون، گڏيل اعتماد، گڏيل مفادن ۽ ڊگهي مدي واري ڀائيواري تي ٻڌل آهي.
چين جي مشهور ميگزين گلوبل ٽائمز موجب پاڪستان ۽ چين جي دوستي گذريل 75 سالن کان بدلجندڙ عالمي حالتن، سياسي تبديلين ۽ معاشي اُڏام جي باوجود تمام گهڻي مضبوط آهي.
گلوبل ٽائمز موجب تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان ۽ چين هميشه ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. چين گڏيل قومن سميت هر فورم تي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سفارتي حمايت ڪئي آهي. سمورن چئلينجن جي باوجود پاڪستان هميشه عالمي سطح تي چين جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ان کي پنهنجو پارٽنر نه پر قابل اعتماد دوست سمجهي ٿو.
گلوبل ٽائمز جو چوڻ آهي ته پاڪستان-چين پارٽنرشپ باهمي احترام، سياسي بصيرت ۽ غير متزلزل حمايت تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا معاشي فائدن تي نه پر مضبوط اسٽريٽجڪ ۽ جذباتي عزم تي ٻڌل آهن. آزاد پرڏيهي پاليسي ۽ تعميري سفارتڪاري جي ذريعي، پاڪستان انهن پهرين ملڪن مان هو، جن چين کي تسليم ڪيو.
گلوبل ٽائمز وڌيڪ لکيو ته سڪيورٽي چئلينجز باوجود پاڪستان چيني سيڙپڪاري جي ڪاميابي ۽ ملڪ ۾ چيني شهرين جي تحفظ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي. سي پيڪ ذريعي پاڪستان ۽ چين جي دوستي اقتصادي ميدان ۾ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي، گڏيل اقتصادي ترقي جي خواب جي تعبير. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پارٽنرشپ ٻنهي ملڪن ۽ ايشيا جي استحڪام لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي.
ماهرن موجب پاڪستان جي متوازن پرڏيهي پاليسي ۽ موثر گڏيل سفارتڪاري چين، آمريڪا ۽ ٻين اهم ملڪن سان مضبوط ۽ باهمي احترام تي ٻڌل لاڳاپن کي فروغ ڏنو آهي. عالمي ۽ علائقائي چئلينجن جي باوجود پاڪستان هڪ ثابت قدم ۽ قابل اعتماد ڀائيوار طور اڀري آيو آهي.


