گلگت بلتستان ۾ ننڍي چونڊ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جتي ديامر ضلعي جي 174 مان 119 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب ديامر ضلعي جي 4 تڪن ۾ ووٽرن جو ڪل انگ 158 هزار 714 آهي، جنهن ۾ رجسٽرڊ مرد ووٽرن جو انگ 81 هزار 655 آهي جڏهن ته عورتن ووٽرن جو انگ 77 هزار 59 آهي.
اهڙي طرح ديامر ضلعي جي چئن تڪن ۾ ڪل 174 پولنگ اسٽيشنز ۽ 380 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 174 پولنگ اسٽيشنز مان 119 کي انتهائي حساس، 22 حساس ۽ 33 نارمل قرار ڏنو ويو آهي.
جي بي اي 15 ديامر 1 (چالاس) جي تڪ ۾ ڪل ووٽرن جو انگ 44 هزار 526 آهي، تڪ جي بي اي 15 ۾ 52 پولنگ اسٽيشنون آهن، جن مان 22 کي انتهائي حساس، 12 کي حساس ۽ 18 کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي.
جي بي اي 16 ديامر 2 (چالاس) جي تڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ 46 هزار 282 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. جي بي اي 16 جي تڪ ۾ ڪل 44 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 19 کي انتهائي حساس ۽ 10 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
جي بي اي 17 ديامر 3 (ڊيريل) جي تڪ جي 46 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. جي بي اي 17 درئيل جي تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل تعداد 41 هزار 45 آهي.
جي بي اي 18 ديامر 4 (تانگير) جي تڪ جي سمورن 32 پولنگ اسٽيشنن کي به انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. جي بي اي 18 تانگر جي تڪ ۾ ڪل ووٽرن جو انگ 26 هزار 861 آهي.
واضح رهي ته گلگت بلتستان ۾ ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن چونڊ مهم تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته چونڊن جي سڪيورٽي لاءِ پنجاب پوليس جا 5 هزار اهلڪار گلگت بلتستان پهچي ويا آهن.


