پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پروگرام تحت 11 وڌيڪ شرطون شامل ڪيون ويون آهن، جنهن سان گذريل ٻن سالن ۾ شرطن جو انگ 75 ٿي ويو آهي. ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته مالي سال 27-2026 جي بجيٽ ان ئي پروگرام جي مقصدن موجب قومي اسيمبلي مان منظور ڪئي ويندي. هي ٻيو ڀيرو آهي ته بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن تحت منظور ڪئي پئي وڃي. حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ مالياتي خسارو گهٽ رکڻ ۽ اعليٰ معاشي ترقي جو هدف مقرر نه ڪرڻ جو واعدو پڻ ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جي نئين شرطن تحت پاڪستان کي 2027ع تائين اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز بابت قانونن ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، جنهن ذريعي موجوده ٽيڪس مراعات کي مرحليوار ختم ڪيو ويندو ۽ سموريون مراعتون قيمت جي بنياد تي ڏنيون وينديون. 2035 تائين مڪمل خاتمي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه حڪومت ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز کي مقامي مارڪيٽ ۾ مصنوعات وڪڻڻ تي پابندي لڳائيندي ته جيئن ٽيڪس چوري کي روڪي سگهجي. توانائي جي شعبي ۾ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ به باقاعدگي سان واڌ ڪئي ويندي، جڏهن ته ٽه ماهي ۽ ماهوار جي بنياد تي ترميمون لازمي هونديون. ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت جون 2027ع تائين پاڪستان ريگيوليٽري رجسٽري قائم ڪندي، جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو کي آڊٽ سسٽم کي وڌيڪ موثر ۽ مرڪزيت وارو بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح پبلڪ پروڪيورمينٽ قانونن ۾ ترميم ڪري سرڪاري ادارن کي بنا مقابلي ٺيڪا ڏيڻ جي سهولت ختم ڪئي ويندي. عوام تي مهانگائي جا اثر گهٽائڻ لاءِ حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت امداد جي رقم 14 هزار 500 رپين مان وڌائي 19 هزار 500 رپيا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي، جيڪو جنوري 2027ع کان لاڳو ٿيندو، ياد رهي ته آءِ ايم ايف هن وقت تائين پاڪستان کي 3 ارب ڊالر فراهم ڪري چڪو آهي، ان پروگرام تحت ايندڙ مئي ۾ 1 ارب ڊالرن جي اڳڀرائي جو امڪان آهي.
Source link

آءِ ايم ايف بيل آئوٽ پيڪيج تي وڌيڪ 11 شرطون لاڳو ڪري ڇڏيون
Leave a Comment Leave a Comment

