آبنائے هرمز ذريعي گذرڻ جي فيس جي مخالفت ڪندي، عمان پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ٿو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


مسقط: عمان آبنائے هرمز مان گذرندڙ تجارتي جهازن تي ٽرانزٽ فيس لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪندي واضح ڪيو آهي ته هو بين الاقوامي سامونڊي رستي تي لازمي فيس جي حق ۾ ناهي، پر بحري خدمتن، ماحولياتي تحفظ ۽ نيويگيشن سان لاڳاپيل سروس چارجز رضاڪارانه بنيادن تي طئي ڪري سگهجن ٿيون.

عمان جي پرڏيهي وزير بدر بن حماد البسيدي فرانسيسي ريڊيو اسٽيشن مونٽي ڪارلو دوليا سان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مسقط هرمز جي آبنائي مان گذرندڙ جهازن تي ٽرانزٽ فيس لاڳو ڪرڻ جي حمايت نٿو ڪري.

هن چيو ته جيڪڏهن شپنگ، ماحولياتي تحفظ يا نيويگيشن جي بهتري بابت مخصوص خدمتون مهيا ڪيون وڃن ته انهن لاءِ فيس جو معاملو رضاڪارانه بنيادن تي فائدو وٺندڙ ملڪن ۽ ڪمپنين سان غور ڪري سگهجي ٿو.

پرڏيهي وزير موجب اهڙين خدمتن ۾ بحري سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، سامونڊي آلودگي کان بچاءُ ۽ حادثن يا ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون بهتر ڪرڻ شامل آهن.

بدر بن حمد البسيدي اهو به چيو ته ان حوالي سان دنيا جي ٻين ڪامياب ماڊلز خاص ڪري اسٽريٽس آف ملاڪا ۽ سنگاپور جي انتظامي نظام کان رهنمائي وٺي سگهجي ٿي.

هن چيو ته آبنائے هرمز عالمي واپار ۽ توانائي جي منتقلي لاءِ هڪ اهم لنگهه آهي، تنهن ڪري ان جي انتظام ۽ بحري سلامتي بابت فيصلا عالمي قانونن، علائقائي تعاون ۽ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي مفادن کي نظر ۾ رکڻ گهرجن.

عمان جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آبنائے هرمز ۾ بحري سيڪيورٽي، شپنگ ۽ ممڪن فيس سسٽم جي حوالي سان علائقائي ۽ عالمي سطح تي مختلف تجويزون ۽ سفارتي مشاورت جاري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment