اداڪار آغا علي سپر اسٽار فهد مصطفيٰ بابت دلچسپ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هو کيس پنهنجو مين ڪرش سمجهن ٿا. هڪ تازي انٽرويو دوران جڏهن آغا علي کان پڇيو ويو ته ڇا فهد مصطفيٰ واقعي سندس اصلي ڪرش آهي ته هن بي پرواهه مسڪرائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. آغا علي کلندي چيو ته اها بلڪل سچ آهي ۽ فهد مصطفيٰ پاڻ به ان حقيقت کان واقف آهي. آغا علي چيو ته هو ڪيترن ئي سالن کان فهد مصطفيٰ جي فني سفر کي ويجهي کان ڏسي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته فهد نه رڳو پنهنجي ڪيريئر ۾ لڳاتار ترقي ڪئي پر وقت سان گڏ هڪ اداڪار ۽ شخصيت جي حيثيت ۾ به پاڻ کي بهتر بڻايو، جنهن جو هو بيحد ساراهيو. انسٽاگرام تي هي پوسٽ ڏسو هن فهد مصطفيٰ جي ٽيلينٽ جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو هڪ مڪمل ۽ ورسٽائل فنڪار آهي، جيڪو اعتماد، مهارت ۽ فطري انداز سان ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اها خاصيت کيس ٻين اداڪارن کان الڳ ڪري ٿي.
Source link

آغا علي، فهد مصطفيٰ سان پيار ۾ پئجي ويو، پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي
Leave a Comment Leave a Comment

