سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته آمريڪا سان مستقبل ۾ منهن ٽوڙ ڳالهين جو مطلب اهو ناهي ته ايران دشمن جو موقف قبول ڪري.
ايران جي سرڪاري ميڊيا طرفان جاري ڪيل هڪ لکت بيان ۾ سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته آمريڪا سان سڌو سنئون ڳالهيون صرف سفارتي عمل جو حصو ٿي سگهن ٿيون. ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته ايران پنهنجي قومي موقف يا اصولي موقف تان هٿ کڻي ويندو.
هن انڪشاف ڪيو ته آمريڪا سان ٿيل معاهدي جي حوالي سان سندس مختلف رايا آهن پر ايراني صدر يقين ڏياريو ته هو ۽ سندس حڪومت ايراني قوم جي حقن ۽ مزاحمتي محاذ جي مفادن جو مڪمل تحفظ ڪندا ۽ ذميواري قبول ڪئي.
ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي وڌيڪ چيو ته مون ايراني صدر مسعود پاشڪيان جي ان يقين ۽ عزم جي بنياد تي معاهدي جي منظوري ڏني.
ايراني سپريم ليڊر وڌيڪ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا ان معاهدي تي عملدرآمد دوران وڌيڪ مطالبا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايران ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.
هن وڌيڪ چيو ته ايران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل معاهدي جي شقن جو پابند رهندو پر ڪنهن به قسم جو هڪ طرفو دٻاءُ يا نوان شرط قبول نه ڪندو.
ياد رهي ته اڄ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايراني هم منصب مسعود پاشڪيان ۽ مفاهمتي ياداشت جي ثالث پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ ان دستاويز تي صحيحون ڪيون.
ان سان گڏ سوئٽزرلينڊ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ملتوي ڪئي وئي، جتي هاڻي ڌرين جي ٽيڪنيڪل ٽيم معاهدي تي وڌيڪ ڳالهيون جاري رکندي پر ان ۾ سربراهن کي شامل نه ڪيو ويندو.
واضح رهي ته معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ايران آئل ٽينڪرن کي آبنائے هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ آمريڪا به ايراني بحريه جي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. اهڙي طرح ٻنهي طرفن کان سامونڊي ٽريفڪ بحال ٿي وئي.


