ايران جي صدر مسعود المديقيان بيروت حملي کانپوءِ آمريڪا سان جاري ڳالهين واري عمل جو دفاع ڪندي چيو آهي ته قومي مفادن جو تحفظ ايران جي اولين ترجيح آهي ۽ سپريم ليڊر جي حتمي منظوري سان ئي ترقي ٿيندي.
ايراني ميڊيا موجب هڪ بيان ۾ صدر چيو ته ڳالهين جي معاملي تي حڪومت ۽ ٻين رياستي ادارن جو موقف هڪ جهڙو آهي ۽ سمورا حلقا ملڪي خودمختياري ۽ مفادن جي تحفظ تي متفق آهن.
هن چيو ته آمريڪا سان ڳالهين بابت فيصلن ۾ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو ڪردار اهم آهي ۽ ان اداري جي منظوري بنيادي آهي.
ايراني صدر وڌيڪ چيو ته ڳالهين بابت حتمي فيصلو سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي منظوري سان ڪيو ويندو.
ان کان اڳ آمريڪي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن کي ڏنل انٽرويو ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته بيروت ۾ اسرائيلي حملي سبب معاهدي ۾ دير ٿي آهي پر هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ معاهدي بابت اڳڀرائي ٿيندي.


