نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ تعينات آمريڪي ڪمپوٽرر آف افيئر مس نيٽالي اي بيڪر ملاقات ڪئي.
تفصيل موجب ملاقات ۾ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ پاڪستان آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن ۾ سهڪار جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو.
اسحاق ڊار چيو ته جاري سفارتي ڪوششون خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
نائب وزيراعظم سنگاپور ذريعي پاڪستاني ۽ ايراني بحريه جي اهلڪارن جي وطن واپسي ۾ آمريڪي سهڪار کي به ساراهيو.
ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.


