پاڪ فوج پاران پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان ۽ فتنا خوارج جي بلا اشتعال جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويو. سڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان جي بلا اشتعال جارحيت خلاف پاڪ فوج جو آپريشن غضب لعل حق ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جون ڪيتريون ئي چوڪيون ۽ گاڏيون درست نموني نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيون، پاڪ فوج جي موثر ڪاررواين افغان طالبان ۽ فتنا خوارج کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب، وطن جي دفاع لاءِ سڪيورٽي فورسز جو غير متزلزل عزم ملڪ جي علائقائي سالميت کي يقيني بڻائي رهيو آهي، سمورن هدفن جي حاصلات تائين پاڪ فوج جو آپريشن جاري رهندو.
Source link

آپريشن جوش؛ پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جون ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون ۽ گاڏيون تباهه ڪري ڇڏيون
Leave a Comment Leave a Comment

