پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سحرا اصغر پنهنجي مداحن سان ٽئين ٻار جي پيدائش جي خوشخبري شيئر ڪئي آهي.
اداڪارا سحرا اصغر پنهنجي جاندار اداڪاري ۽ منفرد ڊانس پرفارمنس سبب شوبز انڊسٽري ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي. هن تازو ئي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي مداحن کي ٻڌايو آهي ته سندس گهر نئين ڄاول ڌيءَ جي آمد آهي، جنهن جو نالو الزني مرتضيٰ رکيو ويو آهي.
سحرا اصغر ان خوشي جي موقعي تي فيملي فوٽو شوٽ جون خوبصورت تصويرون به شيئر ڪيون جنهن ۾ هوءَ پنهنجي فيملي سان گڏ نظر اچي رهي آهي. تصويرن ۾ سڀئي ماڻهو ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جي لباس ۾ ملبوس آهن، جنهن ان لمحي کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ڇڏيو آهي.
پنهنجي پوسٽ ۾ اداڪارا هن نئين آمد کي پنهنجي خاندان لاءِ وڏي خوشي ۽ رحمت قرار ڏنو ۽ مداحن کان دعائن جي درخواست پڻ ڪئي.
ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي مداحن ۽ شوبز شخصيتن طرفان مبارڪن جو سلسلو جاري آهي. مختلف اداڪارن ۽ شوبز شخصيتن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ٻارڙي جي صحتيابي ۽ روشن مستقبل لاءِ دعا به ڪئي آهي.


