بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مبينا بوائي فرينڊ ڪبير بهيا سان نظر آئي، جنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سندن لاڳاپن جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون.
ڪريتي سينن برمنگھم جي ايجبسٽن اسٽيڊيم ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پهرين ون ڊي دوران پنهنجي مبينا بواءِ فرينڊ ڪبير بهيا سان گڏ موجود هئي.
ڪبير به انسٽاگرام تي ڪريتي ۽ هڪ دوست سان ميچ دوران تصويرون شيئر ڪيون جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.

ان موقعي تي ڪريتي سينن کي سائي ٽاپ ۽ سفيد پتلون ۾ ڏٺو ويو جڏهن ته ڪبير براؤن جيڪٽ پهريل هئي.


