ڀارت جي منافقانه پرڏيهي پاليسي اسرائيل جي وڌندڙ جارحيت تي مسلسل خاموشي ۽ جنگبندي کانپوءِ ايران جي مسئلي تي مفاد پرست رويي جي ڪري بي نقاب ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته ايران تي اسرائيل جي حملي کان 2 ڏينهن اڳ مودي اسرائيل جو دورو ڪيو هو ۽ جنگ دوران ايران جي معاملي تي مڪمل خاموشي اختيار ڪئي هئي.
ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ موجب ڀارت ايران تي حملن دوران اسرائيل سان گڏ بيٺو هو ۽ اڄ وري توانائي ۽ تجارتي مفادن تحت ايران جي ويجهو اچي رهيو آهي. ان حوالي سان ايراني صدر سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ مودي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن کي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
اي اين آءِ موجب آبنائي هرمز جي بحالي ۽ ايران تي مالي پابندين ۾ نرمي اڳ ۾ ئي 14 نقاطي ايران-آمريڪا معاهدي ۾ شامل آهي. مودي آبنائے هرمز ۾ شپنگ لين جي حفاظت ۽ واپار جي آزادي کي عالمي ۽ هندستاني مفاد قرار ڏنو.
عالمي ماهرن موجب ڀارت جو زور آبنائے هرمز ۾ بحري سفر جي آزادي تي ايران جي مدد ڪرڻ نه پر هندستاني واپار، تيل جي فراهمي ۽ معاشي مفادن جي تحفظ لاءِ آهي. هندستان آمريڪي دٻاءُ هيٺ ايراني تيل خريد ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ايران سان سندس لاڳاپا آمريڪي مفادن لاءِ ثانوي آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت ايران تي اسرائيلي حملي جي واضح مذمت نه ڪئي ۽ ايران جي خودمختياري جي دفاع ۾ مڪمل خاموشي اختيار ڪئي. جنگ کان اڳ ڀارت جي اسرائيل سان ڀائيواري، جنگ دوران مڪمل خاموشي ۽ جنگ کان پوءِ تيل لاءِ ايران سان دوستي منافقت ۽ موقعي پرستي جون نشانيون آهن.
https://img.express.pk/media/videos/israel_iran_india_02-07-26.mp4


