اسرائيل غزه جي امدادي فلوٽلا جي گرفتار ميمبرن کي يونان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


تل ابيب:

اسرائيل غزه لاءِ امداد کڻندڙ گلوبل اسٽيبلٽي فلوٽلا جي گرفتار ميمبرن کي يونان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سفارتي ۽ انساني حقن جي حلقن ۾ خدشا پيدا ڪيا ويا آهن.

عرب ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي اختيارين شروعاتي طور تي 175 گرفتار ٿيلن کي اسرائيل منتقل ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو پر بعد ۾ يوناني حڪومت سان ٺاهه تحت کين سڌو يونان منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اسرائيلي پرڏيهي وزير موجب سمورن ماڻهن کي ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ يونان جي ساحل تي لينڊ ڪيو ويندو.

ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار عالمي پاڻين ۾ فلوٽلا تي سوار ڪارڪنن جي گرفتاري تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي عالمي قانون جي واضح ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

هن چيو ته انسانيت جي امداد ۾ رڪاوٽون وجهڻ هڪ غير ذميواراڻو عمل آهي جنهن تي عالمي برادري کي فوري ڌيان ڏيڻ گهرجي.

اسحاق ڊار مطالبو ڪيو ته فلوٽلا ۾ شامل سمورن رضاڪارن ۽ امدادي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ عملن جو نوٽيس ورتو وڃي.

ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ اسرائيلي نيوي جي اسپيڊ بوٽن فلوٽلا جي جهازن کي سمنڊ ۾ گهيرو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو.

امدادي تنظيمن جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ ڪارڪنن سان رابطو به ڪٽجي ويو آهي، جنهن سبب خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment