اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي سزا خلاف اپيلن کي 7 مئي تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
سزا جي معطلي لاءِ درخواستن کي غير اثرائتو قرار ڏئي ڊسپوز ڪيو وڃي جڏهن اپيلون طئي ٿي وڃن. عدالت سزا معطلي جي درخواستن تي پهرين ٻڌڻي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي ٻڌل ڊويزن بئنچ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي سزا معطل ڪرڻ ۽ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي درخواستن کي غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.
عدالت سزا خلاف داخل اهم اپيلن کي 7 مئي تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي بنيادي اپيل ٻڌڻ کان اڳ سزا معطلي جون درخواستون ٻڌڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي مارچ 2025ع ۾ سزا معطلي لاءِ درخواستون داخل ڪيون هيون، اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ ۽ بشرا بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.


