– اشتهار –
اسپين ۾ ٽرين حادثي جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. برطانوي خابرو اداري موجب اسپين جي پرامن علائقي ۾ تيز رفتار ٽرين پٽڙي تان لهڻ بعد ايندڙ ويندڙ ٽرين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ٽرين پڻ پٽڙي تان لهي وئي ۽ ٻنهي کي تمام گهڻو نقصان پهتو. برطانوي ميڊيا موجب حادثي جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 100 زخمين مان 20 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حادثي وقت هڪ ٽرين ۾ 300 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا جڏهن ته ٻي ٽرين ۾ 100 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا. حادثي کانپوءِ ٽرين آپريشن عارضي طور تي معطل ڪيو ويو، جڏهن ته اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


