ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي تي ڪو به حملو مڪمل جنگ جو سبب بڻجندو: ايراني صدر مسعود پزشڪيان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


– اشتهار –

ايراني صدر مسعود پاشڪيان چيو آهي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي تي ڪو به حملو مڪمل جنگ جو سبب بڻجندو. اسرائيل ۾ اڳوڻي آمريڪي سفير جي ان دعويٰ تي رد عمل ظاهر ڪندي ته صدر ٽرمپ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، ايراني صدر چيو ته ايراني عوام جا مسئلا ۽ پريشانيون آمريڪا ۽ ان جي اتحادين پاران ڊگهي عرصي کان لاڳو غير انساني پابندين سبب آهن. ايراني صدر جو چوڻ هو ته سپريم ليڊر خلاف ڪا به جارحيت ايراني قوم خلاف مڪمل جنگ جي برابر آهي. واضح رهي ته اڳوڻي آمريڪي سفير ڊين شيپيرو چيو هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ هفتي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment