يورپي ملڪن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گرين لينڊ تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


– اشتهار –

يورپي ملڪن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گرين لينڊ تي قبضي واري معاملي تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي وزيراعظم اسٽرمر اتحادين خلاف آمريڪي ٽيرف جي استعمال کي غلط قرار ڏنو آهي. برطانوي پرڏيهي وزير يوويٽ ڪوپر پڻ چيو آهي ته گرين لينڊ جو مستقبل صرف گرين لينڊ ۽ ڊينمارڪ جي رهاڪن سان تعلق رکي ٿو. ڊنمارک جي وزيراعظم چيو ته يورپ صدر ٽرمپ جي ڌمڪين هيٺ نه ايندو. ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته صدر ٽرمپ ڌمڪين ذريعي گرين لينڊ تي ڪنٽرول حاصل نٿو ڪري سگهي. هن خبردار ڪيو ته گرين لينڊ تي آمريڪي فوجي ڪارروائي نيٽو جي خاتمي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. فرانس، جرمني ۽ ناروي به آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڌمڪي کي بليڪ ميلنگ قرار ڏنو. يورپي يونين خميس تي هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪيو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر گرين لينڊ تي قبضي جي مخالفت ڪندڙ يورپي ملڪن تي ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو. ٽرمپ پهرين فيبروري تي يورپي ملڪن مان درآمد ٿيندڙ سمورين شين تي 10 سيڪڙو ۽ پهرين جون تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو. انهن يورپي ملڪن ۾ برطانيا، ڊنمارڪ، ناروي، سويڊن، فرانس، جرمني، هالينڊ ۽ فنلينڊ شامل آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment