پشاور ۾ ٽڪ ٽاڪ هڪ ٻئي معصوم ٻارڙي جي جان وٺي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پشاور ۾ ٽڪ ٽاڪ هڪ ٻئي معصوم ٻارڙي جي جان وٺي ڇڏي، تعلقه پلوسي ۾ پنجين درجي جي شاگرد اويس گهر جي شيشي اڳيان پستول رکي ڇڏيو، جيڪو وڊيو ٺاهڻ دوران ڦاٽي پيو، جنهن سبب ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو. ايڪسپريس نيوز موجب نوجوان شاگرد اسڪول جي واٽس اپ گروپ ۾ شيون شيئر ڪندو هو، جنهن سبب ٻار وٽ موبائل فون هو. واقعي واري ڏينهن اويس ٽڪ ٽاڪ لاءِ وڊيو ٺاهي رهيو هو، شيشي جي ڀرسان پستول رکيو هو، جنهن کي هلائڻ جي خبر نه هئي، جيڪا اوچتو ٻارڙي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب اوچتو حادثو پيش آيو. اويس جي والد جو چوڻ هو ته گهر جا ٻيا ٻار به اسڪول ويا هئا پر ننڍڙي غلطي سندس پٽ جي جان ورتي. واقعي کان پوءِ سڄو خاندان غم ۾ ورتل آهي، ٻارڙي جي والد سيف الرحمان موجب اهو لمحو اسان جي خاندان لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. واضح رهي ته سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز ٺاهڻ جو رجحان خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪو آهي، جتي نوجوان ۽ ٻارڙا صرف چند سيڪنڊن جي وڊيو وائرل ٿيڻ لاءِ پنهنجون زندگيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن. تازن واقعن ۾ هٿيارن جي نمائش ۽ لاپرواهي سبب حادثا ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ جا واقعا سامهون آيا آهن، جنهن ڪري ماهرن ۾ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ماهرن موجب ننڍڙن ٻارن ۾ سوشل ميڊيا جو غير ذميواراڻو استعمال نه رڳو ذهني ۽ اخلاقي مسئلن جو سبب بڻجي ٿو پر ان سان خطرناڪ عملن جي تقليد ۾ به اضافو ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن وڏي سانحي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن والدين تي زور ڏنو آهي ته هو ٻارن جي آن لائين سرگرمين تي ڪڙي نظر رکن ۽ کين ذميواريءَ سان هلڻ جي تربيت ڏين، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته هٿيارن ۽ خطرناڪ مواد جي نمائش خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن قيمتي جانين جي نقصان کان بچي سگهجي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment