اسڪاٽ لينڊ جي راڄڌاني ايڊنبرا ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ جي مبينا واقعن کانپوءِ پوليس ڪائونٽر ٽيررازم يونٽ کي جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. انهن حملن ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس اسڪاٽ لينڊ موجب، جمعي جي رات مختلف هنڌن تان ايمرجنسي ڪالز مليون جن ۾ تشدد، ڌمڪيون، ڦرلٽ ۽ ڀڃ ڊاهه جا واقعا رپورٽ ٿيا. انهن واقعن ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن جي عمر 22 کان 39 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس موجب زخمين مان ٽن ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر ڪنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ناهي. اختيارين هڪ 36 سالن جي سفيد اسڪاٽش شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
برطانوي ميڊيا رپورٽن موجب شروعاتي واقعا ايڊنبرا جي علائقي سيٿل ۾ هڪ مسجد جي ويجهو پيش آيا، جتي ٻن ماڻهن تي حملو ڪيو ويو. بعد ۾ شهر جي ٻين علائقن ۾ وڌيڪ ٽن ڄڻن کي نشانو بڻايو ويو.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ هڪ شخص کي مبينا طور تي وڏي هٿيارن سان شهر جي گهٽين ۾ گهميندي ڏٺو ويو آهي. ڪجهه مسلمان تنظيمن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل شخص مسلمانن خلاف نفرت انگيز نعرا هڻي رهيو هو.
اسڪاٽش ايسوسي ايشن آف مسجدون ۽ اسلامو فوبيا مخالف تنظيم ”MIND“ چيو آهي ته مارجي ويلن ۾ ڪيترائي مسلمان به شامل آهن. تنظيم مطالبو ڪيو آهي ته انهن واقعن کي اسلامو فوبيا ۽ انتهائي ساڄي ڌر جي دهشتگردي جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي.
اسڪاٽ لينڊ جي فرسٽ منسٽر جان سوئني واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ تشدد، نسل پرستي ۽ مذهبي نفرت جي ڪا به جاءِ ناهي.
گذريل رات ايڊنبرگ ۾ چار ماڻهن حملو ڪيو ۽ اسپتال داخل ڪيو. اسان سمجهون ٿا ته گهڻا مسلمان آهن.
گرفتار ٿيل شخص رڙ ڪئي ته هو ”ملڪ جي حفاظت“ ڪري رهيو آهي مسلمانن کان ”اسان جي ڌيئرن سان عصمت دری“. اهو ئي آهي جيڪو روزانو سياستدانن ۽ پنڊتن پاران دٻايو ويندو آهي.
هن بيان بازي ڪئي آهي… pic.twitter.com/Shf5UxDW2K
MEND ڪميونٽي (@mendcommunity) 20 جون، 2026
پوليس اسسٽنٽ چيف ڪانسٽيبل ڪيٽريونا پيٽن واقعن کي ”انتهائي افسوسناڪ ۽ صدمو ڏيندڙ“ قرار ڏيندي چيو ته اسڪاٽ لينڊ ۾ نسل پرستي ۽ مذهبي نفرت برداشت نه ڪئي ويندي.
تجزيه نگارن موجب اهي واقعا هڪ اهڙي وقت ۾ پيش آيا آهن جڏهن برطانيه ۾ اميگريشن، نسلي تنوع ۽ مذهبي هم آهنگي جي موضوعن تي سياسي ۽ سماجي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.
تازن هفتن ۾ برطانيا جي مختلف شهرن ۾ اهڙا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آهن جن سيڪيورٽي ادارن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.


