الشفا ٽرسٽ اکين جي اسپتال جي ماهر ڊاڪٽرن ٽن ڏينهن جي نون ڄاول ٻار جي اک مان 285 گرام وزني ٽومر ڪاميابي سان ڪڍي ڇڏيو.
اسپتال انتظاميا موجب اها پيچيده سرجري لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن دوران ڊاڪٽرن جي ٽيم مهارت سان ٽيومر ڪڍي ٻارڙي جي زندگي بچائي ورتي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون دستاويزي ڪيس آهي جنهن ۾ ايتري وڏي ٽئمر جو ڪاميابيءَ سان نئين ڄاول ٻار ۾ علاج ڪيو ويو.
ڊاڪٽر طيب افغاني موجب ٻارڙي جي مڪمل صحتياب ٿيڻ کانپوءِ کيس مصنوعي اکيون لڳايون وينديون، جنهن کانپوءِ هو معمول جي زندگي گذاري سگهندو.
ماهرن والدين کي صلاح ڏني آهي ته هو نون ڄاول ٻارن جي اکين ۾ ڪنهن به غير معمولي سوجن يا تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي ماهر ڊاڪٽر سان رجوع ڪن ته جيئن بروقت تشخيص ۽ علاج ممڪن ٿي سگهي.


