انمول پنڪي جي عدالت ۾ پيشي کان اڳ عورت وڪيل جذباتي ٿي سخت سزا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪوڪين ڪوئن انمول عرف پنڪي جي پيشي کان اڳ سٽي ڪورٽ ۾ عورت وڪيل جذباتي ٿي وئي.

عورت وڪيل شير بانو ايڊووڪيٽ چيو ته پنڪي اسان جي نسلن کي تباهه ڪري رهي آهي، کيس ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو وڃي، هن مطالبو ڪيو ته انمول عرف پنڪي کي سخت سزا ڏني وڃي.

ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب جوابدار انمول عرف پنڪي کي اڄ عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويندو، سيشن ڪورٽ مان جسماني رمانڊ اڄ رات 12 وڳي ختم ٿيندو، جنهن بعد جوابدار کي 16 مئي تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

سنڌ جي وقتي پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي جو چوڻ آهي ته جوابدار انمول عرف پنڪي جو اڄ جسماني رمانڊ پورو ناهي ٿيو، جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ بعد جوابدار کي سڀاڻي پيش ڪيو ويندو.

منتظر مهدي چيو ته جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ لاءِ درخواست داخل ڪئي ويندي، جوابدارن جي ڪيسن جي پيروي لاءِ پراسيڪيوٽر جي ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا سندس ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي ڏسندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment