هڪ آمريڪي ٽي وي چينل جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايران جي فوجي صلاحيت اڃا تائين وڏي حد تائين برقرار آهي، جنهن ۾ ميزائل، بحري هٿيار ۽ هوائي طاقت شامل آهن.
رپورٽ موجب ايران جا اٽڪل اڌ بيلسٽڪ ميزائل ۽ انهن جي لانچنگ سسٽم اڃا تائين موجود آهن. اهڙي طرح، IRGC وٽ اڃا تائين 60 سيڪڙو بحري هٿيار ۽ اسپيڊ بوٽس موجود آهن، جيڪي مبينا طور تي آبنائے هرمز ۾ جهازن تي حملا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايران جي لڳ ڀڳ ٻه ٽيون ايئر فورس اڃا به ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا ايران جي دفاعي صلاحيت جو مظاهرو ڪري رهي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب ايران جي حقيقي فوجي طاقت ان کان وڌيڪ آهي جيڪا ٽرمپ انتظاميه عوام کي ڏيکاري آهي.
ٻئي طرف وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ ان رپورٽ کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪي ميڊيا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جي حق ۾ پروپيگنڊا ڪري رهي آهي.
هن چيو ته صدر ٽرمپ جي قيادت ۾ آمريڪي فوجن رڳو 38 ڏينهن ۾ ايران جي دفاعي ۽ صنعتي انفراسٽرڪچر کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايران جي بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون رينج ڊرون ٺاهڻ ۽ ان کي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ڪيترن ئي سالن کان پوئتي ڌڪجي وئي آهي، جڏهن ته ايراني بحريه کي به سخت نقصان پهتو آهي.
اهي متضاد دعوائون هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيون آهن جڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ عالمي برادري ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ممڪن ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.


