لاهور: اميگريشن اينڊ پاسپورٽ کاتي جي 3 آفيسرن کي ايجنٽن سان ملي ڀڳت ڪري ماڻهن کي ڦرڻ جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو.
گهرو وزير محسن جي حڪم تي ڪيل ڪارروائي ۾ ڊائريڪٽر ملتان ريجن خالد عباس به شامل آهي، جڏهن ته معطل ڪيل ٻين آفيسرن ۾ شاهدره سينٽر انچارج غلام رسول ۽ ظهير حسين شامل آهن.
ذريعن موجب ايف آءِ اي انهن آفيسرن خلاف ايجنٽن سان ملي ڀڳت جي الزام ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته گهرو وزير جي هدايتن تي ڊپارٽمينٽل ايڪشن وٺندي انهن آفيسرن خلاف اهو قدم کنيو ويو آهي. ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽ محمد علي رنڌاوا جي هدايتن تي معطلي جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.


