گڏيل عرب امارتن ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان کي اشتعال انگیزي جو سخت جواب ڏيڻ جو پورو حق آهي.
عالمي خابرو اداري موجب گڏيل عرب امارات ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن کي خطرناڪ اشتعال انگيز قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي آهي.
گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي معاملن واري وزارت زور ڏنو ته ان کي پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي کي متاثر ڪندڙ ڪنهن به جارحيت جو سخت جواب ڏيڻ جو حق آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني حملا ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهن. اهو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي واضح ڀڃڪڙي آهي.
گڏيل عرب امارتن دعويٰ ڪئي آهي ته ايران طرفان فائر ڪيل 15 ميزائل ۽ ڊرون فضا ۾ ناڪاره ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڊرون سمنڊ ۾ ڪري پيو.
جڏهن ته گڏيل عرب امارات جي صنعتي علائقي فجيره ۾ تيل جي هڪ تنصيب تي ٻه ڊرون ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ وڏي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت سان تعلق رکندڙ ٽي پرڏيهي پڻ زخمي ٿي پيا.
گڏيل عرب امارتن جي ان بيان تي ايران اڃا تائين ڪو ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي، پر ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي هڪ اعليٰ عهديدار طرفان بيان جاري ڪيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جو گڏيل عرب امارتن تي حملي جو ڪو به ارادو نه هو پر وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا.
ايراني نيوز ايجنسي سينيئر ايراني اهلڪار جو نالو ظاهر نه ڪيو جنهن بيان ڪيو.


