ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني سان فيلڊ مارشل عاصم منير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي، ٻه طرفي سيڪيورٽي صورتحال، بارڊر مينيجمينٽ ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان اسلامي جمهوريه ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي ۽ ٻه طرفي سڪيورٽي صورتحال، موثر بارڊر مينيجمينٽ ۽ تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو ته ايراني گهرو وزير خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، تڪرار جي خاتمي ۽ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن ۽ لازمي سفارتي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي طرفن علائقائي سلامتي، گڏيل خوشحالي ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ ويجهن رابطن ۽ تعاون جي موثر نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
Source link

ايراني گهرو وزير جي فيلڊ مارشل سان ملاقات، سڪيورٽي صورتحال، بارڊر مينيجمينٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

