ايران آمريڪا طرفان ممڪن فوجي ڪارروائي جي ڌمڪي جو سخت جواب ڏيندي چيو آهي ته هن وٽ اهڙا جديد هٿيار آهن جيڪي هن وقت تائين ميدان جنگ ۾ استعمال نه ٿيا آهن.
روسي خبرن جي ايجنسي موجب، هڪ ايراني فوجي ذريعن دعوي ڪئي آهي ته ايران ملڪي طور تي ترقي يافته دفاعي ۽ جارحتي هٿيار ٺاهيا آهن جيڪي اڃا تائين عملي طور تي استعمال يا آزمائشي نه ڪيا ويا آهن.
ايراني ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر حملو ڪيو ته ايران هن ڀيري تحمل جو مظاهرو نه ڪندو. هن چيو ته ايران هر ممڪن ڇڪتاڻ لاءِ تيار آهي.
ذريعن موجب ايراني اختيارين واضح ڪيو ته ايران کي دفاعي سامان يا فوجي صلاحيت جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي کوٽ نه آهي ۽ ملڪ پنهنجو دفاع ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن ايران کي ٻيهر فوجي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿيون ته آمريڪا سخت قدم کڻي سگهي ٿو.
ٻئي طرف آمريڪي ۽ مغربي اهلڪار مسلسل ايران جي فوجي صلاحيتن ۽ ميزائل پروگرام تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن جڏهن ته ايران جو موقف آهي ته سندس دفاعي پروگرام مڪمل طور تي قومي سلامتي لاءِ آهي.
ماهرن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ وچ اوڀر ۾ نئين بحران واري صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي، خاص ڪري آبنائي هرمز ۽ نار جي خطي جي سلامتي جي حوالي سان عالمي خدشات وڌي رهيا آهن.


