ايران جي اتر اولهه شهر تبريز جو انٽرنيشنل ايئرپورٽ اڄ ٻيهر کوليو ويو آهي. ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري IRIB موجب سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تبريز ايئرپورٽ تي اڏامون بحال ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. رپورٽن مطابق آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ کان متاثر ملڪ جي 20 کان وڌيڪ ايئرپورٽس پهريان ئي پنهنجو آپريشن بحال ڪري چڪا آهن، جڏهن ته تبريز ايئرپورٽ کي به اڄ ٻيهر فعال ڪيو ويو. ايران جي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جي ترجمان موجب تبريز انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي تازي جنگ دوران نقصان پهتو. واضح رهي ته ايران جي مقامي ميڊيا گذريل هفتن ۾ ٻڌايو هو ته تبريز تي حملن دوران هن ايئرپورٽ جو رن وي ۽ ڪنٽرول ٽاور متاثر ٿيا هئا.
Source link

ايران جي شهر تبريز جو مکيه بين الاقوامي هوائي اڏو ٻيهر کوليو ويو آهي
Leave a Comment Leave a Comment

