ماه نور علي سميت پاڪستان جا ٽي رانديگر 33هين ايشين جونيئر انفرادي اسڪواش چيمپيئن شپ 2026 جي مختلف ايونٽس جي فائنل ۾ پهچي ويا.
چين جي شهر پانزيهوا ۾ جاري چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان لاءِ هڪ گولڊ ۽ 2 سلور ميڊل حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته ٻن رانديگرن کي ناڪامي کانپوءِ برونز ميڊلز تي ڀاڙڻو پيو.
پاڪستان چيمپيئن شپ ۾ پنجن تمغان جو حقدار بڻجي ويو آهي.
بوائز انڊر 17 ايونٽ ۾ نعمان خان پنهنجي هم وطن محمد عمير عارف کي 1-3 تان هارائي فائنل ۾ پهچي ويو، ميچ 54 منٽن تائين جاري رهي.
نعمان خان ٽائيٽل لاءِ ڀارت جي پنجين سيڊ شيوان اگروال سان مقابلو ڪندو.
بوائز انڊر 15 ۾ ٽاپ سيڊ احمد ريان خليل ملائيشيا جي سيل جيولز ٽين لي هاو کي صرف 20 منٽن ۾ 0-3 تان هارائي ڇڏيو.
ايونٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان جو سهيل عدنان 47 منٽن جي سخت مقابلي کانپوءِ ملائيشيا جي ڌورن روٿيران هٿان 2-3 تان هارائي ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو.
هاڻي فائنل ۾ ڌيران جو مقابلو احمد ريان خليل سان ٿيندو.
گرلز انڊر 15 ايونٽ ۾ 4 سيڊڊ نور علي هانگ ڪانگ جي تانگ چنگ سم کي 1-3 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
گولڊ ميڊل لاءِ ماه نور ٽاپ سيڊ هانگ ڪانگ جي زي يوان سان مقابلو ڪندي.
ياد رهي ته مهنور علي گذريل سال ايشين جونيئر چيمپيئن شپ ۾ گرلز انڊر 13 جي فائنل ۾ چانديءَ جو تمغا کٽيو هو.


