ايف آءِ اي پاران ڪاپي رائيٽ جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي دوران جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان موجب وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪاپي رائيٽ جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪندي ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو. اها ڪارروائي ايم ايس بليو ٽيڪ اليڪٽرڪ پرائيويٽ لميٽيڊ جي شڪايت تي ڪئي وئي.
ڇاپي دوران جوابدار تنظيم تاج، جيڪو ڪمپني جو مالڪ ٻڌايو پيو وڃي، کي گرفتار ڪيو ويو. ترجمان موجب جوابدارن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ ڪاپي رائيٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي ترجمان وڌيڪ چيو ته جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ به ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايف آءِ اي ان نيٽ ورڪ ۾ ملوث ٻين عنصرن جي گرفتاري لاءِ به ڪارروايون جاري رکي آهي.


