برطانيا جي هڪ ريڊيو اسٽيشن بادشاهه چارلس جي موت جو غلط اعلان ڪرڻ تي عوام ۽ شاهي خاندان کان معافي گهري ورتي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب اڳوڻي برطانوي قزاق ريڊيو اسٽيشن ريڊيو ڪيرولين اڱاري تي بادشاهه چارلس III جي وفات جي خبر غلطي سان نشر ڪئي، جنهن بعد نشريات ڪجهه دير لاءِ بند ڪئي وئي.
ريڊيو اسٽيشن مئنيجر پيٽر مور سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته غلطي اسٽوڊيو جي ڪمپيوٽر سسٽم ۾ خرابي سبب پيش آئي، جنهن پاڻمرادو هڪ خاص پروٽوڪول کي چالو ڪري بادشاهه جي موت جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته برطانيه جي سمورن ريڊيو اسٽيشنن ۾ بادشاهه يا راڻي جي موت جي صورت ۾ نشريات جو خاص طريقو هوندو آهي پر هن ڀيري غلطي سان سسٽم چالو ڪيو ويو.
پيٽر مور جي مطابق، سسٽم فعال ٿيڻ کان پوء ريڊيو اسٽيشن خاموش ٿي ويو، عملي کي فوري طور تي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ پروگرام کي بحال ڪيو ۽ آن ايئر معافي کي نشر ڪيو.
”اسان بادشاهه چارلس ۽ اسان جي ٻڌندڙن کان هن غلطي ۽ تڪليف لاءِ معافي گهرون ٿا ،“ ريڊيو اسٽيشن هڪ بيان ۾ چيو.
اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن بادشاهه چارلس ۽ راڻي ڪوميلا اتر آئرلينڊ جي دوري تي هئا ۽ مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪري رهيا هئا.
ياد رهي ته ريڊيو ڪيرولين 1964ع ۾ بي بي سي جي هڪ هٽي خلاف قائم ڪئي وئي هئي ۽ ڪيترن ئي سالن تائين سمنڊ ۾ جهازن تان نشر ٿي رهي هئي.


