بلوچستان حملن ۾ پاڙيسري ملڪ جو هٿ آهي، دهشتگرد افغانستان ۾ پناهه وٺي رهيا آهن، وزيراعظم

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪوئيٽا: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ اوڀر پاڙيسري ملوث آهي، جيڪو دهشتگردن کي پئسا ۽ هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي، دهشتگرد افغانستان ۾ پناهه وٺي رهيا آهن.

هن اها ڳالهه ڪوئيٽا ۾ پنهنجي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. اجلاس ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، گورنر بلوچستان جعفر خان مندو خيل، بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز بگٽي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن، وفاقي وزير احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ گذريل 4 ڏينهن دوران سنگين واقعا پيش آيا، انهن ڪاررواين ۾ شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 42 ڄڻا شهيد جڏهن ته 54 دهشتگرد مارجي ويا.

شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف سياسي ۽ فوجي قيادت هڪ پيج تي آهي، دهشتگردن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، ڏينهن رات گڏجي هن فتني کي ختم ڪنداسين ۽ پوئتي نه هٽنداسين، سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.

هن چيو ته پاڪستان جون سفارتي ڪاميابيون هن دشمن کان هضم نه ٿيون آهن، پاڪستان جلد ترقي ۽ خوشحالي جو گانو بڻجي ويندو، شهيدن جون قربانيون رنگ لائينديون.

ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو. ڪوئيٽا پهچڻ تي گورنر، وڏي وزير ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment