فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ارجنٽائن جي تاريخي فتح کان پوءِ پاڪستاني اداڪارا عائزه خان جي ڌيءَ طرفان فٽبال سپر اسٽار ليونل ميسي لاءِ لکيل پيار ڀريو پيغام سوشل ميڊيا صارفين جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو.
عائزا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ سندس ڌيءَ ارجنٽائن جي جرسي ۾ نظر اچي رهي آهي. جرسي جي پٺي تي ميسي جو نالو لکيل آهي، جڏهن ته اداڪارا تصوير سان گڏ پنهنجي ڌيءَ جو هڪ خاص پيغام به شيئر ڪيو آهي.
تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيل آهي ته ”پيارا ميسي! هن لمحي کي خان ارحم ۽ منهنجي ڌيءَ لاءِ هميشه لاءِ يادگار بڻائڻ لاءِ مهرباني. هوءَ خاص طور تي توهان کي ’تي ڪوئرو‘ چوڻ چاهي ٿي، يعني مان توسان پيار ڪريان ٿو. هن جذباتي پيغام کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.

ٻئي طرف ليونل ميسي به فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ شاندار فارم برقرار رکندي مسلسل ڇهين ناڪ آئوٽ ميچ ۾ گول ڪرڻ جو منفرد اعزاز حاصل ڪري ورتو، سندس شاندار ڪارڪردگيءَ جي بدولت ارجنٽائن مصر کي 3-2 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو، جڏهن ته محمد صلاح جو مصر ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني اداڪار دانش تيمور به پرتگال جي ورلڊ ڪپ مان آئوٽ ٿيڻ تي ڪرسٽيانو رونالڊو کي خراج تحسين پيش ڪيو هو ۽ سندس ڪيريئر ۽ خدمتن کي ساراهيو هو. هاڻ عائزه خان جي ڌيءَ جو ميسي لاءِ پيار ڀريو پيغام به فٽبال مداحن ۾ مقبول ٿي رهيو آهي.


