مشهور صحافي ۽ اردو ڊائجسٽ جو باني الطاف حسن قريشي لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم شهباز شريف مشهور صحافي ۽ اردو ڊائجسٽ جي باني الطاف حسن قريشي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته الطاف حسن قريشي جي لاڏاڻي سان صحافت جي ميدان ۾ هڪ خال پيدا ٿي ويو آهي جيڪو شايد ئي ڪڏهن ڀرجي سگهي، صحافت جي دنيا ۾ سندس لازوال خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. اي پي اين ايس پاران جاري ڪيل بيان ۾ اردو ڊائجسٽ جي چيف ايڊيٽر الطاف حسن قريشي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻي تي صحافتي ۽ ادبي دنيا سوڳوار آهي. رپورٽ موجب الطاف حسن قريشي جي جنازي نماز 17 مئي (آچر) جمعي جي نماز بعد جامعه اشرفيه لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته الطاف حسن قريشي اردو ڊائجسٽ ذريعي سڄي ملڪ ۾ سنجيده صحافت، فڪري بحثن ۽ ادبي قدرن جي فروغ لاءِ تاريخي ۽ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو.
Source link

اردو ڊائجسٽ جو باني مشهور صحافي الطاف حسن قريشي لاڏاڻو ڪري ويو
Leave a Comment Leave a Comment

