نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خطي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
اسحاق ڊار سمورين پارٽين تي زور ڏنو ته هو ڇڪتاڻ ختم ڪن ۽ تحمل جو مظاهرو ڪن، هن جون 2026 جي اسلام آباد مفاهمتي ياداشت تي عمل جي اهميت تي به زور ڏنو.
اسحاق ڊار چيو ته ڳالهين ۽ سفارتڪاري ئي پائيدار امن جو واحد موثر رستو آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو، پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن گڏيل رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.


