ٻه ڀيرا ورلڊ چيمپيئن باڪسر آغا ڪليم چانهه وڪڻڻ تي مجبور، وڊيو به شيئر ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان جي مشهور ڪڪ باڪسر ۽ ٻه ڀيرا عالمي چيمپيئن آغا ڪليم انڪشاف ڪيو آهي ته عالمي سطح تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪرڻ باوجود هو روزگار لاءِ چانهه وڪڻڻ تي مجبور آهن. آغا ڪليم جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي عالمي ايوارڊن ۽ عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ باوجود کيس سرڪاري يا خانگي سطح تي مستقل مالي مدد ۽ اسپانسر شپ نه ملي سگهي آهي، جنهن ڪري کيس روزي روٽي لاءِ چانهه جو ڪاروبار ڪرڻو پيو. آغا ڪليم جو تعلق ڪوئيٽا سان آهي ۽ ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي. هو ٻه ڀيرا عالمي چيمپيئن، هڪ کان وڌيڪ ايشيائي ۽ بين الاقوامي چيمپئن رهيو آهي ۽ مختلف عالمي مقابلن ۾ پاڪستان لاءِ ميڊل پڻ کٽي چڪو آهي. آغا ڪليم جو چوڻ آهي ته راندين جي ميدان ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ باوجود معاشي مشڪلاتن سندس ڪا ڪسر نه ڇڏي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن مناسب سرپرستي ۽ مالي مدد ملي ته هو پاڪستان کي وڌيڪ عالمي اعزاز ڏئي سگهن ٿا. ورلڊ چيمپيئن باڪسر آغا ڪليم پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ خانگي چينل کي ڏنل پراڻي انٽرويو جو ڪلپ ٻيهر شيئر ڪيو. 2× ورلڊ چيمپيئن هون، فير به چاءِ ڪي هوٽل پر مهنت ڪر راههون. Apni Mehnat se US Apply kiya, lekin appointment event ke baad mili. شيد ميرا قصور سرف اِتنا هي آهي ڪي مين ڪيسي وزير ڪا نه، هڪ غريب باپ کا بيتا هو. 😭@CMShehbaz @MaryamNSharif @TararAttaullah pic.twitter.com/QDL15jiPb4 — آغا ڪليم 🇵🇰 | ڪڪ باڪسر (@AghaKickboxer) July 9, 2026 واضح رهي ته آغا ڪليم جي جدوجهد اڳ به خبرن ۾ رهي آهي. مالي مشڪلاتن جي باوجود هن چانهه جي دڪان تي ڪم جاري رکيو ۽ ان دوران عالمي مقابلن ۾ به حصو ورتو ۽ پاڪستان لاءِ ڪيتريون ئي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment