بنگلاديش جو وڏو فيصلو، پاسپورٽ تي ٻيهر اسرائيل کان سواءِ لکڻ جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بنگلاديش جي حڪومت عام پاسپورٽ ۾ ٻيهر اسرائيل کان سواءِ لفظ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو فيصلو بنگلاديش جي روايتي پرڏيهي پاليسي ۽ فلسطين جي مسئلي تي عوامي جذبي موجب ڪيو ويو آهي.

بنگلاديشي ميڊيا رپورٽن موجب گهرو وزير صلاح الدين احمد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عام پاسپورٽ کي ٻيهر لکبو ته هي پاسپورٽ دنيا جي سمورن ملڪن لاءِ صحيح آهي سواءِ اسرائيل جي. هن چيو ته سفارتي پاسپورٽ ۾ ان فيصلي تي عمل شروع ٿي چڪو آهي.

بنگلاديش جي گهرو وزارت ۽ اميگريشن ۽ پاسپورٽ کاتي جي ذريعن موجب اهو قدم بنگلاديش جي اصولي موقف ۽ فلسطين جي حق ۾ عوامي جذبن کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو آهي.

رپورٽن مطابق 2021ع ۾ شيخ حسينه حڪومت اي پاسپورٽ سروس متعارف ڪرائڻ دوران پاسپورٽ تان ’اسرائيل کان سواءِ‘ لفظ ڪڍيا ويا. ان فيصلي تي عوامي ۽ سياسي حلقن پاران سخت تنقيد پڻ ڪئي وئي.

گذريل سال عبوري حڪومت دوران گهرو وزارت 7 اپريل تي هڪ خط جاري ڪيو هو جنهن ۾ اختيارين کي هدايت ڪئي وئي هئي ته اهو متن ٻيهر پاسپورٽ ۾ شامل ڪيو وڃي پر ان فيصلي تي ان وقت مڪمل عمل نه ڪيو ويو.

ياد رهي ته بنگلاديش جا اسرائيل سان نه ماضي ۾ سفارتي لاڳاپا هئا ۽ نه ئي هن وقت آهن. 1971ع ۾ بنگلاديش جي قيام کان وٺي ڪافي عرصي تائين بنگلاديشي پاسپورٽ تي اهڙن لفظن سان نشان لڳايو ويو آهي ته اهو پاسپورٽ اسرائيل لاءِ صحيح ناهي.

اختيارين موجب پاسپورٽ جي واٽر مارڪ ۽ فوٽوز ۾ به تبديليون ڪيون پيون وڃن. نئين تصويرن ۾ جولاءِ جي عوامي تحريڪ جي علامت سمجھي ويندي ابو سعيد جي تصوير شامل هوندي، جڏهن ته شيخ مجيب الرحمان جي مزار ۽ مجيب نگر جي يادگار سميت ڪجهه پراڻيون تصويرون به هٽايون وينديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment