حزب الله اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻائيندڙ جديد ڊرون جي وڊيو جاري ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


حزب الله ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوجي اڏي تي ايف پي وي ڊرون حملي جي هڪ وڊيو جاري ڪئي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب حزب الله دعويٰ ڪئي آهي ته اِهو آپريشن ڏکڻ لبنان جي سرحدي علائقي ۾ ڪيو ويو، جتي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اسرائيلي فورسز ۽ حزب الله وچ ۾ وقفي وقفي سان جهڙپون ٿي رهيون آهن.

حزب الله طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جديد سهولتن سان ليس ايف پي وي ڊرون سرحدي علائقي جي مٿان اڏام ڪئي ۽ اسرائيلي فوج جي گاڏي جي ويجهو پهتي، جتان اهلڪارن کي ڪڍي رهيا هئا.

ايف پي وي ڊرون 3 فرار ٿيندڙ اسرائيلي سپاهين جو تعاقب ڪيو ۽ نشانو بڻايو. ان کان اڳ هڪ اهڙي ئي واقعي ۾ هيلي ڪاپٽر تي سوار اسرائيلي فوجين کي به ساڳئي ڊرون ذريعي نشانو بڻايو ويو هو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي جو مقصد اسرائيلي فوج جي اڳڀرائي کي روڪڻ ۽ سرحدي علائقن ۾ پنهنجي جوابي ڪارروائي جو مظاهرو ڪرڻ هو.

ٻئي طرف اسرائيلي فوج پاران حزب الله جي ان دعويٰ تي فوري طور تي ڪوبه باضابطه رد عمل ناهي آيو، پر اسرائيل اڪثر ڪري ماضي جي حملن ۾ چيو آهي ته سندس دفاعي نظام ڪيترن ئي ڊرونز کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment