بنگلاديش جي فاسٽ بالر روبيل حسين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
تفصيل موجب 36 ورهين جي ڪرڪيٽر گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن کي ٻڌايو ته هو 159 ميچن تي مشتمل پنهنجي ڪيريئر کي الوداع چئي رهيو آهي.
روبيل آخري ٽي 20 ميچ اپريل 2021 ۾ نيوزيلينڊ خلاف کيڏيو هو، جنهن کانپوءِ زخمين سندس ڪارڪردگي کي محدود ڪري ڇڏيو هو.
روبيل کي 2015ع جي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف شاندار بالنگ جي ڪري هميشه ياد رکيو ويندو، جتي هن اهم وڪيٽون وٺي ٽيم کي تاريخي فتح ڏياري.
هن پنهنجي ڪيريئر ۾ 27 ٽيسٽ، 104 ون ڊي ۽ 28 ٽي 20 ميچ کيڏيا.
روبيل چيو ته قومي ٽيم سندس جنون رهيو آهي پر هر رانديگر کي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ڇڏڻو پوندو آهي.
هن اشارو ڏنو ته هو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي جاري رکندو ۽ مداحن جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو.


