پاڪستاني ٽيم پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت لاءِ برسلز پهچي وئي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستاني هاڪي ٽيم پرو هاڪي ليگ ۾ شرڪت لاءِ برسلز پهچي وئي. ايئرپورٽ تي بيلجيم ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن ٽيم جو استقبال ڪيو. ڊگھي فاصلي ۽ ٿڪاوٽ جي باوجود پاڪستاني ٽيم پروگرام موجب پنهنجو پهريون ٽريننگ سيشن ڪيو. پرو هاڪي ليگ ۾ پاڪستاني ٽيم 13 جون تي ميزبان بيلجيم، 14 جون تي اسپين، 19 جون تي بيلجيم ۽ 20 جون تي ٻيهر اسپين سان ميچ کيڏندي. ان کانپوءِ پاڪستاني ٽيم 21 جون تي لنڊن پهچندي جتي 23 جون تي ڀارت، 24 جون تي انگلينڊ، 26 جون تي ڀارت ۽ 27 جون تي انگلينڊ سان ميچون شيڊول آهن. ليگ ۾ پنهنجي جاءِ برقرار رکڻ لاءِ پاڪستاني ٽيم کي انهن اٺن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ميچون سٺي مارجن سان کٽڻ گهرجن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment