اسرائيلي حملن جي ڪري جاري تباهي کانپوءِ غزه جي بحاليءَ لاءِ وڏي مالي وسيلن جي ضرورت پوندي. گڏيل قومن ۽ يورپي يونين جي گڏيل رپورٽ موجب غزه جي بحاليءَ لاءِ اٽڪل 71.4 بلين ڊالرن جي ضرورت آهي.
گڏيل قومن ۽ يورپي يونين پاران جاري ڪيل ’غزا ريپڊ ڊيمج اينڊ نيڊس اسيسمينٽ‘ رپورٽ ۾ گذريل 24 مهينن دوران ٿيل نقصان جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي.
رپورٽ موجب غزه ۾ رهائشي عمارتون، روڊ، اسپتالون، تعليمي ادارا ۽ انفراسٽرڪچر جنگ ۽ هوائي حملن جي نتيجي ۾ تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انفراسٽرڪچر جي وڏي تباهي سبب نه رڳو لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن پر صحت، تعليم ۽ روزگار جا شعبا به سخت متاثر ٿيا آهن.
ماهرن موجب غزه جي مڪمل بحالي هڪ ڊگهو ۽ پيچيده عمل هوندو جنهن لاءِ عالمي سطح تي مالي ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ ناگزير آهي.
گڏيل قومن ۽ يورپي يونين عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو غزه جي ٻيهر تعمير، متاثر آبادي کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ خطي ۾ استحڪام جي بحالي لاءِ فوري قدم کڻي.


