لاهور:
توهين رسالت ڪيس ۾ اينڪر ريحان طارق جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد.
لاهور جي علائقي ڪچڙي ۾ اينڪر ريحان طارق جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ نعيم ويٽو وڪيلن جي دليلن کانپوءِ فيصلو ٻڌايو.
واضح رهي ته اين سي آءِ اي توهين رسالت جو ڪيس داخل ڪيو آهي. ايڊووڪيٽ ميان دائود موجب ڪيس ۾ شقون قابل ضمانت آهن. هڪ سوال بي عزتي ثابت نٿو ڪري.
ٻڌڻي دوران اين سي سي آءِ اي جي پراسيڪيوٽر ضمانت جي مخالفت ڪئي، جنهن بعد عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي.


