جي آءِ ٽي ڪارڪنن جا جعلي دستاويز ٺاهڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت منظور

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

جي آءِ ٽي ڪارڪنن جا جعلي دستاويز ٺاهڻ واري ڪيس ۾ عدالت جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اتر ڪوريا جي آءِ ٽي ڪارڪنن کي جعلي دستاويز فراهم ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار عاليه بتول جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

فيصلو ٻڌائيندي عدالت جوابدارن کي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل صفائي عابد زمان ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته عاليه بتول جي موبائيل فون مان اهڙو ڪجهه به ناهي مليو جنهن سان مٿس لڳايل الزام ثابت ٿي سگهن. هن چيو ته پراسيڪيوشن هن وقت تائين ڪيس ۾ الزامن جي تصديق لاءِ ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي آهي.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته پرڏيهي وزارت جي شڪايت تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. موقف اختيار ڪيو ويو ته عاليه بتول ۽ ٻيا جوابدار جعلي دستاويز تيار ڪري اتر ڪوريا جي آءِ ٽي ڪارڪنن کي فراهم ڪندا هئا ته جيئن انهن کي مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

پراسيڪيوشن موجب جوابدار انهن دستاويزن جي بدلي ۾ بٽ ڪوئنز جي صورت ۾ رقم وصول ڪندا هئا.

ڪيس ۾ 3 جوابدارن عاليه بتول، سهيل ۽ صغير کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن خلاف وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت جوابدار جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment