وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 76 ڊالر جي سطح تي پهچندي ئي عوام کي رليف ڏينداسين.
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ 130 ارب جي سبسڊي ڏني آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت 76 ڊالر جي سطح تي پهچندي ئي عوام کي رليف ڏينداسين.
هن چيو ته ايران گئس پائيپ لائين منصوبو پيرس جي عدالت ۾ آهي، هو ڪيس جي پيروي ڪري رهيا آهن، ايراني ڀائرن سان گڏجي مسئلا حل ڪندا. ايراني صدر اسلام آباد امن معاهدو ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
پيٽروليم واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته محرم الحرام دوران شاندار ڪارڪردگي تي سمورن ادارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. لاهور پوليس، پاڪ فوج ۽ سمورن ادارن گڏجي ڪم ڪيو آهي. اسان سڀ خدا جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته سڀ ڪم صحيح نموني سان ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سرگرم آهيون. لاهور ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ تي سڄو پاڪستان پريشان آهي. هن ڏکئي وقت مان هر هڪ ماڻهو گذريو آهي، پر ڏکيو وقت صرف ٿوري وقت لاءِ آهي.
هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته وقت گذري ويو، هاڻي سٺو وقت اچي رهيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي ڀيٽ ۾ اسان قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي آهي.


