خيبرپختونخواهه اسيمبلي ايندڙ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. خيبرپختونخواهه جي قانون ۽ ناڻي واري وزير آفتاب عالم ۽ لاڳاپيل وزيرن 66 مطالبن جي لاءِ الڳ الڳ تحريرون پيش ڪيون، صوبائي قانون ۽ ناڻي واري وزير به سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ترميم جي رٿ پيش ڪئي. صوبائي اسيمبلي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ترميم جي به منظوري ڏني، جنهن ۾ ايوان لاءِ ڊيمانڊ فنڊ طور 62.79 ڪروڙ رپين جي منظوري شامل آهي. ناڻي کاتي لاءِ 14 ارب 73 ڪروڙ، گهرو کاتي لاءِ 4 ارب 56 ڪروڙ کان وڌيڪ، پوليس لاءِ هڪ کرب 38 ارب، اعليٰ تعليم لاءِ 52 ارب 461 ڪروڙ رپيا ۽ صحت لاءِ 2 کرب 62 ارب 62 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. خيبرپختونخواهه جي مواصلات کاتي لاءِ 7 ارب 77 ڪروڙ رپيا، آبپاشي لاءِ 11 ارب 27 ڪروڙ رپيا، معدني ترقي کاتي لاءِ 2 ارب 27 ڪروڙ رپيا ۽ آبادي جي ڀلائي لاءِ 1 ارب 24 ڪروڙ رپيا رکيا ويا.
Source link

خيبرپختونخواهه اسيمبلي مالي سال 27-2026 جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

