روسي تيل خريد ڪرڻ تي ڀارت جي رعايت ختم ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري سکاٽ بيسنٽ وائيٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ دوران ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته واشنگٽن روس ۽ ايران کان تيل جي خريداري لاءِ موجوده جنرل لائسنس جي تجديد نه ڪندو. ڀارتي چينل اين ڊي ٽي وي موجب آمريڪا روس کان تيل خريد ڪرڻ لاءِ ڀارت کي ڏنل رعايتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي اخبار جي رپورٽ موجب آمريڪي رعايت کانپوءِ ڀارتي ريفائنريزن 30 ملين بيرل روسي تيل جا آرڊر ڏئي ڇڏيا آهن. آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسينٽ موجب ڀارت طرفان 11 مارچ کان اڳ خريد ڪيل رعايتي تيل جي سودن جو مدو ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي ريفائنرز ايران کان محدود مقدار ۾ خام تيل جي چيني ڪرنسي يوآن ۾ خريداري لاءِ ادائيگيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ۾ آءِ سي آءِ سي آءِ بينڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment