روس جو جديد پنجين نسل جو اسٽيلٿ فائٽر Su-57 معمول جي تربيتي اڏام دوران ڪري تباهه ٿي ويو.
عالمي خابرو اداري موجب جهاز روس جي راڄڌاني ماسڪو ويجهو ڳوٺاڻن علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو پر پائليٽ بروقت ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ محفوظ رهيو.
حادثو معمول جي تربيتي اڏام دوران پيش آيو. جهاز ڪري تباهه ٿيڻ کان پوءِ امدادي ٽيمون فوري طور تي پهچي ويون. پائلٽ کي بحفاظت اسپتال منتقل ڪيو ويو.
روسي دفاع واري وزارت اڃا تائين واقعي جي تصديق يا ان جي سببن جي حوالي سان ڪا به سرڪاري تفصيل جاري نه ڪئي آهي.
شروعاتي اطلاعن موجب حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ته معلوم ڪيو وڃي ته جهاز فني خرابي، انساني غلطي يا ڪو ٻيو سبب هو.
Su-57 روسي ايئر فورس جو جديد ملٽي رول اسٽيلٿ جنگي جهاز سمجهيو ويندو آهي، جيڪو هوائي برتري، زميني هدفن تي حملن ۽ جديد فضائي دفاعي نظام کان بچڻ جي صلاحيت لاءِ ٺاهيو ويو آهي.
حادثي کي روسي ايئر فورس لاءِ وڏو جھٽڪو قرار ڏنو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ان جهاز کي روس جي جديد دفاعي حڪمت عملي جو اهم حصو سمجهيو وڃي ٿو.


